سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کان کير جي قيتمن بابت مڪمل طريقيڪار طلب ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کان کير جي قيتمن بابت مڪمل طريقيڪار طلب ڪري ورتو، جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته جيڪڏهن کير جي قيمتن کي ڪنٽرول نه ڪنداسين ته پوءِ هر ڪوئي پنهنجي شين جا اگهه پاڻ وڌائي ڇڏيندو. ڪراچي ۾ کير جي قيمتن ۾ اضافي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي،اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ شاپس مالڪ پيش ٿيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي کير جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، کير جي في ليٽر جي قيمت ڪيتري مقرر ڪئي وئي آهي.ان تي اسسٽنٽ ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ کير جو اگهه 94 روپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ان جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪي ماڻهو وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته اسان روزاني جي بنياد تي منافعي خورن جي خلاف ڇاپا هڻون ٿا ۽ چالان ڪيون ٿا. درخواستگذار مسڪين گجر چيو ته هول سيلرريٽيلر کي 114 روپيا في ليٽر کير وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ريٽيلر 120 روپيا في ليٽر کير وڪرو ڪري ڪري عوام کي ڦري رهيا آهن. عدالت ايندڙٻڌڻي تي ڪمشنر ڪراچي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 آگسٽ ٽتائين ملتوي ڪري ڇڏيو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔