ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان ۽ ان جي پٽ سميت ٻين جوابدارن خلاف ضمني ريفرنس داخل

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ان جي پٽ عبدالله خاقان سميت ٻين جوابدارن تي ايل اين جي ڪيس ۾ ضمني ريفرنس به داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب راولپنڊي اڳوڻي پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف ايل اين جي ڪيس جو ضمني ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو. ضمني ريفرنس ۾ شاهد خاقان جي پٽ عبدالله خاقان سميت پنج نون جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ايل اين جي ريفرنس ۾ جوابدارن جو انگ 15 ٿي ويو آهي. شاهد خاقان عباسي جي ايئرلائن جي ايم ڊي چوڌري اسلم، ايل اين جي ٽرمينلز جي لاءِ هائر ڪيل ڪنسلٽنٽ فلپ ناٽمين ۽ ثنا صادق به نامزد جوابدارن ۾ شامل آهن.

ان کان علاوه سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي محمد امين کي به نيب جوابدار طور نامزد ڪيو آهي. ضمني ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ايئرلائن جي ايم ڊي چوڌري اسلم کي ايئرلائن جي اڪائونٽس ۾ مبينه مني لانڊرنگ جي رقم رکڻ ۽ منتقل ڪرڻ جي الزام تي نامزد ڪيو ويو.

ايئر لائن جا اڪائونٽس مبينه ڪڪ بيڪس ۽ مني لانڊرنگ جي رقم جي لاءِ استعمال ٿيا. ضمني ريفرنس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايئرلائين جي اڪائونٽس مان رقم عبدالله خاقان ۽ ٻين جي اڪائونٽن ۾ ويندي رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔