اڄ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ، وڏي وزير وزيرن، خاص مددگارن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي،

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گُهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ اڄ شام جو گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز هوائن سان برسات جي نتيجي ۾ شهري ٻوڏ جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ تيز برسات دوران ضلعي سطح تي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيرن، خصوصي معاون ۽ چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، وڏي وزير طرفان چونڊيل نمائندن کي 9 آگسٽ تائين پنهنجن ضلعن ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اين ڊي ايم اي ڪراچي ۾ نالن جي صفائي جي ٽئين ڏينهن تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته گجر نالي، ڪورنگي ۽ مواڇ ڳوٺن نالي تي ايف ڊبليو طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽنهي نالن ۾ 45 مان 35 چوڪنگ پوائنٽس کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، گجر نالو 80 سيڪڙو، ڪورنگي نالو 85 ۽ مواڇ ڳوٺ نالو 76 سيڪڙو صاف ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي چيو آهي ته برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون.موسميات کاتي موجب اڄ شام کان شروع ٿيندڙ برساتون ڇنڇر تائين جاري رهي سگهن ٿيون، مهاڻا اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برسات کان اڳ طوفان اچي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي وارن علائقن ۾ وڄ ڪرڻ جا واقعا به ٿي سگهن ٿا. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڊي ايم سيز پنهنجن علائقن ۾ نيڪال جي نظام جي صفائي يقيني بڻائين. صوبائي وزير چيو آهي ته حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ چوڪنگ پوائنٽس تي گهربل مشينري پهچائي وئي آهي ته جيئن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔