ڪراچي ۾ اڄ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڄ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن به جاري رهندو.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته هوا جو هڪ گهٽ دٻاءُ بنگال ۽ ٻيو دٻاءُ رن آف ڪڇ تي موجود آهي. سسٽم جي اڳيان وڌڻ تي جيڪڏهن کين نمي ملي ته هي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ چوماسي جي هن چوٿين اسپيل جي دوران 100 کان 130 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته اڄ شهر جو گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي سگهي ٿو. هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب  سامونڊي هوائون معطل ٿي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر ان حوالي سان چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات کان اڳ مٽيءَ جو طوفان لڳي سگهي ٿو جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي علائقن ۽ هيٺيان وارن علائقن ۾ به کنوڻ ڪرڻ جا واقعا به پيش اچي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔