نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار مريم نوازکي طلب ڪري ورتو

لاهور: نيب مريم نواز کي سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار کي شراب جي غير قانوني لائسنس جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نيب لاهور 200 ڪنال سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ مريم نواز کي 11 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب اختيارين پاران مريم نواز کي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز مٿان سرڪاري زمين غيرقانوني طور پنهنجي نالي ڪرڻ جو الزام آهي جنهن سلسلي ۾ کيس طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار کي شراب خانن لاءِ غيرقانوني طور لائسنس جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب عثمان بُزدار کي رڪارڊ سميت 12 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔