پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن حڪومت جو 15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن تعليم جي وزيرن واري ڪانفرنس جو اعلان رد ڪري ڇڏيو.

آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا جو چوڻ آهي ته حڪومت 15 آگسٽ کان سڄي ملڪ جا اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري.

  ٻئي صورت ۾ هو پاڻ تعليمي ادارا کوليندا. هڪ بيان ۾ ڪاشف مرزا چيو آهي ته اسڪولز کولڻ وارن ادارن کي قانوني تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ليگل سيل قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رنڊڪون وجهڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته ايس او پيز جي تحت ٻين شعبن جيان اسڪولز به کوليا وڃن. سڄي ملڪ ۾ ساڍا 4 ڪروڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي آئيني حق کان محروم آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر تي ئي کوليا ويندا.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا ڪيترن ئي مهينن کان بند آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔