رمضان شگر ملز ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو

لاهور: احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

ٻنهين جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، عدالت 27 آگسٽ تي وڪيلن کان دليل طلب ڪري ورتا جڏهن ته شاهدن کي شاهدي لاءِ گهرائي ورتو

احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري رمضان شوگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عدالت جي روبرو پيش ٿيو جڏهن جيل عملدارن حمزه شهباز کي به پيش ڪيو .

ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيلن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ استدعا ڪئي ته تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي ۽ فرد جرم جي ڪارروائي کي معطل ڪيو وڃي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪيس فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ فڪس آهي ، اسان ڪو به سرپرائز نه پيا ڏيون ، اڄ 10 ڪلاڪ دليل ڏيو ، عدالت دليل ٻڌندي

عدالت ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهبازشريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔