14 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ سياسي پارٽي جي سيڪٽر انچارج سميت 14ڄڻا گرفتار

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪارروائي ڪندي جنرل پوسٽ آفيس ۾ 14 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪندڙ 13 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊائريڪٽر ايف آءِ اي منير شيخ موجب ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪارروائي ڪندي جنرل پوسٽ آفيس ۾ ڪرپشن ڪندڙ 13 آفيسرن ۽  اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. منير شيخ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن 2014 کان 2018 جي دوران تقريبن 14 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي. جوابدارن جعلي صحيحن ۽ ٻين طريقن سان ڳري رقم ۽ قيمتي سامان خرد برد ڪيو.

جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪروڙ روپيه، 6 گاڏيون ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ ورتو ويو آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن مان هڪ سياسي پارٽي جو سيڪٽر انچارج شاهين اقبال به شامل آهي جيڪو هن گروپ جو اهم ماڻهو به هو.

جوابدارن جي خلاف 4 مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته جوابدارن وٽان هٿ آيل 2 ڪروڙ روپين جي رقم جي پي او اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ ٻين جنرل پوسٽ آفيسرن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔