سينيٽ جي خاص اجلاس ۾ ڪشمير بابت رٿ پيش

اسلام  آباد: ڪشميرين سان ٻڌي جي لاءِ گهرايل سينيٽ جي خاص اجلاس ۾ ڪشمير بابت رٿ پيش ڪئي وئي

سينيٽ جو خاص اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ شهيد ڪشميرين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي .

ڪشمير تي رٿ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ پيش ڪئي جنهن موجب ڀارت اقوام متحده جي قراردادن جي خلاف ڪري رهيو آهي رٿ جي متن ۾ لکيل آهي ته والاريل ڪشمير جي جاگرافياڻي حيثيت بدلائڻ لاءِ ڀارتي آئين ۾ ترميم ٿي ، قابض ڀارتي فوج هڪ سال کان ڪشميرين کي غير معمولي نسل ڪشي ۾ مصروف آهي ،والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون بدترين خلاف ورزيون جاري آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔