ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ ڀارتي جوڙي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ جوڙي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽ موجب ضلعي اننت پور جي رهائشي جوڙي کي 30 جولاءِ تي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ زال مڙس قرنطينه ۾ هئا. گهر منتقلي جي ٻن ڏينهن کان پوءِ جوڙي 3 منزله عمارت جي ڇت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.مقامي پوليس چيف موجب شڪ آهي ته زال مڙس ذهني دٻاءُ ۽ مالياتي مسئلن سبب آپگهات ڪيو. واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔