بالي ووڊ اداڪارا منيشا لامبا پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا منيشا لامبا آخرڪار پنهنجي مڙس ريان ٿام کي ٻن سالن جي عليحدگي بعد طلاق وٺي ڇڏي آهي..
ميڊيا رپورٽن مطابق منيشا لامبا 7 سال اڳ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ ريان ٿام سان ملاقات ڪئي هئي ، ٻنهي ملاقاتون 2 سال تائين جاري رکيون ، آخرڪار 6 جولاءِ 2015 تي ٻنهي شادي ڪري ڇڏي ، پر 2018 ۾ شادي کان صرف ٽن سالن بعد منيشا لامبا پنهنجي مڙس جي گهر کي ڇڏي آئي هئي. 2 سالن جي طويل عرصي تائين منيشا ميڊيا کان پنهنجي الڳ ٿيڻ جي خبر ٻڌائڻ کان لنوائي رهي هئي.
معتبر رپورٽن مطابق منيشا لامبا هاڻي ريان ٿام کي باضابطه طلاق ڏئي ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔