جهانگير ترين سميت 3 وڏن شوگرمل گروپس جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) ٽن وڏن شوگرمل گروپس جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان 20 ارب روپين جي مالي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ جي ڊي ڊبليو، آروائي جي  ۽ العربيه کي نوٽيس ڏئي ڇڏيا آهن.

وفاقي حڪومت 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي مبينه مالي ڏوهه ۾ ملوث ملڪ ۾ شوگرملز هلائيندڙ ٽن وڏن گروپن جي خلاف جاچ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي گڏيل جاچ ٽيم(سي آءِ ٽي) جوڙي ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جي سربراهه واجد ضياءَ طرفان جوڙيل سي آءِ ٽي  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي ملڪيت جي ڊي ڊبليو گروپ آف ڪمپنيز، آروائي جي  گروپ جي ملڪيت الائنس شوگرملز، جنهن ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار جي خاندان جو وڏو حصو آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ چوڌري مونس الاهي جي خلاف قانوني ڪارروائي  جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

سرڪاري انگن اکرن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اها ڪارروائي وفاقي ڪابينه جي 23 جون جي فيصلي جي روشني ۾ سامهون اچي رهي آهي جيڪا شوگر جاچ ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ سامهون آيو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان جي سربراهي ۾ سي آءِ ٽي کي جي ڊي ڊبليو گروپ جي مبينه بي نامي ڪاروبار مالي ڏوهه وغيره جنهن ۾ 16.1 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم شامل آهي. جي خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو اختيار شوگر ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔