ڪورونا وائرس سبب ايشيا ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جو روزگار خطري ۾

منيلا: ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) موجب ڪورونا وائرس جي ڪري عالمي معيشت کي ٽن مهينن ۾ 5 هزار 800 ارب ڊالر جي نقصان جو خدشو آهي.
اي ڊي بي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪورونا مان 6 مهينن ۾ نقصان 8 هزار 800 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو. عالمي معاشي ترقي جي شرح 9 ڏهائي 7 سيڪڙو تائين متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
عالمي معيشت کي متاثر ٿيڻ ۾ 30 سيڪڙو حصو ايشيا جو آهي ۽ دنيا جي پيداوار 1700 کان 2500 ارب ڊالر تائين متاثر ٿي سگهي ٿي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ موجب عالمي سطح تي 15 کان 25 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ايشيا ۾ 10 کان 16 ڪروڙ ماڻهن جون نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون. 6 مهينن ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔