شوبز ۾ واپسي جي اعلان کان پوءِ ايان علي جو پهريون ميوزڪ البم ريليز

”ڊالر اسمگلنگ“ ڪيس مان شهرت حاصل ڪندڙ ماڊل، پروڊيوسر ۽ فنڪارا ايان علي شوبز ۾ واپسي جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پهريون ميوزڪ البم ريليز ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ايان علي ماضي ۾ مختلف گانن ۽ فيشن شوز ۾ماڊلنگ ڪندي نظر ايندي هئي پر هن کي 5 سال اڳ 2015ع ۾ ان وقت سڀ کان وڌيڪ شهرت ملي هئي جڏهن هو ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي هئي.
جنهن کان پوءِ 11 جولاءِ تي ماڊل ايان علي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽن ۾ شوبز ۾ واپسي جو اعلان ڪيو هو.
ايان علي پنهنجي ٽوئيٽ ۽ انسٽاگرام پوسٽ ۾ لگزري گاڏين سان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي چيو هو ته ايندڙ هڪ يا ٻه هفتن ۾ هن جا بيڪ وقت 7 نوان گانا ريليز ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔