اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو :سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ورهاڱي دوران طئي ٿيو هو ته جتي مسلمانن جي اڪثريت هوندي اتي پاڪستان هوندو، پر هندستان ان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.ڪراچي ۾ يوم استحصال جي ريلي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته شهيد ذوالفقاي علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير لاءِ اسان سئو سال به وِڙهنداسين. وڏي وزير چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي هڪ سال کان غير قانوني طور ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هن چيو آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميرين ۽ اسان جو جيئڻ مرڻ گڏ آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته اڄ دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستان ڪشمير سان گڏ آهي، سنڌ اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ڀارت جي ڏاڍ خلاف ۽ ڪشمرين سان اظهار يڪجهتي طور مان ٺهراءُ به پاس ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔