ٽڪ ٽاڪ جي معاملي تي چين ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ تيز

بيجنگ : چين ٽڪ ٽاڪ جي معاملي تي آمريڪا تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر طرفان ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان قدم ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي مارڪيٽ اڪانومي، آزاد واپار، شفافيت ۽ غير امتيازي ورتاءَ بابت قانونن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿي رهيا آهن.
بائٽ ڊانس نالي ڪمپني جو ويڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽڪ اڄڪلهه آمريڪا ۾ وفاقي سطح جي جاچ جي وڪڙ ۾ آهي.
آمريڪي اختيارين جو الزام آهي ته اها ايپ آمريڪي واهپيدارن جي ڊيٽا چيني حڪومت کي فراهم ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔