غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس ۾ شاهد خاقان عباسي مٿان فرد جرم لاڳو

ڪراچي: ڪراچي جي احتساب عدالت ايم ڊي پي ايس او جي غيرقانوني ڀرتي واري ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سوڌو ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شاهد خاقان، عمران الحق، يعقوب ستار، ارشد مرزا ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ان موقعي تي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، نيب چيو آهي ته جوابدار پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪري قومي ناڻي کي 13 ڪروڙ 80 لک رُپين جو نقصان پهچايو آهي، ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سندس خلاف ڪيس سياسي انتقام جو حصو آهي، سُپريم ڪورٽ به پنهنجي فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته نيب کي کي رڳو سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔