اڄڪلهه جو انسانُ الله تعاليٰ جي بندگي کان گهڻو غافل آهي: حج جو خطاب

مڪه مڪرمه : حج جو اهم رڪن وقوف عرفات اڄ ادا ڪيو پيو وڃي، پانڌيئڙا منيٰ ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ عرفات جي ميدان پهچي ويا، مسجد نمرا کي سينيٽائيز ڪيو ويو، نمازين ۾ سماجي وٿي رکڻ رکڻ لاءِ نشان به لڳايا ويا، مسجد نِمرا کان خطبو ڏيندي شيخ عبدالله بن سليمان چيو آهي ته اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو الله تعاليٰ جي بندگي کان غافل نظر اچي رهيا آهن، جيڪو ڪجهه زمين ۽ آسمان تي آهي، اُها رب پاڪ جي نعمت آهي، اسان کي الله تعاليٰ جي نعمتن تي شڪر ادار ڪرڻ گهرجي، الله پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ کي تقويٰ چيو ويندو آهي ۽ تقويٰ انسان بُرائي کان بڃي وڃي ٿو.

هن چيو ته دنيا تي ڏکيائيون الله جي طرفان امتحان آهن ،الله جي بندگي سان انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو

خطبي ۾ چيو ويو ته قرباني ۽ عبادتون رڳو الله تعاليٰ جي لاءِ ئي آهن ، ،سڌي رستي تي هلڻ وارن جي لاءِ ئي نجات آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔