عيدالاضحيٰ دوران ضلعي انتظاميا ۽ مڪاني ادارن جا آفيسر متحرڪ هوندا: ناصر شاهه

ڪراچي :سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عيدالاضحيٰ دوران ضلعي انتظاميا ۽ مڪاني ادارن جا آفيسر متحرڪ هوندا، سڀني آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، عوام ڪنهن به مشڪل صورتحال ۾ واڳيل ڊي سي جي ڪنٽرول روم سان رابطو ڪري، غير معمولي صورتحال ۾ انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي اپاءَ وٺندي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته عيد جي موقعي تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن گڏيل حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، عوام جي تڪليف ۽ ڏکيائين کي حل ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر فيلڊ ۾ موجود هوندا. صوبائي وزير چيو ته سمورن لاڳاپيل مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اوجهه کي وقت سر ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ عملو مسلسل گشت تي هوندو، ضلعي انتظاميا سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته عيد تي ڪنهن به غير معمولي صورتحال جي صورت ۾ ضلعي انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي اپاءَ وٺندي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔