سنڌ جون حالتون خراب آهن، وفاق جي مداخلت اڻٽر آهي: فردوس شميم نقوي

ڪراچي : سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ جون حالتون خراب آهن، وفاق جي مداخلت اڻٽر آهي، هتي آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اسان وفاق کي مداخلت لاءِ لکيو آهي، ناصر شاهه جيڪڏهن واقعي شرمنده آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته هن صوبي جي بدنصيبي آهي جو پي اي سي ايوارڊ ناهي مليو، آرٽيڪل 140 اَي تي ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، جنهن ٽن معاملن جو نوٽيس ورتو آهي، بيمارين کان بچڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي صفائي جي هدايت ڪئي وئي آهي، شهرين کي صاف پاڻيءَ جي فراهمي واري معاملي تي به اسان جي خط تي معاملو وفاقي وزير ڏانهن اماڻيو ويو آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ مراد علي شاهه کي ڪرونا لڳي ويو آهي، اسان کي بلاول جو ماسڪ پائڻ پسند آهي، ڇوته ان سان سندس ڳالهائڻ بند ٿي ويندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي ٻڏڻ واري معاملي تي ناصر حسين شاهه جيڪڏهن واقعي شرمنده آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. فردوس شميم نقوي چيو ته اسان کي وسيم اختر کان شڪايت آهي، سندس پارٽي کان ڪابه شڪايت ناهي، جيڪڏهن وسيم اختر کي سنڌ حڪومت سان مسئلو آهي ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻي………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔