منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي تي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي تي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي سندس عبوري ضمانت ۾ 3 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ، ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ واڌ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿي عدالت کي هلندڙ انڪوائري بابت آگاهي ڏني. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته منظور وساڻ خلاف انڪوائري مڪمل ڪري تفصيل هيڊ ڪوارٽر اماڻيا ويا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويندو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر وراڻيو ته اهو فيصلو نيب چيئرمين ڪندو. عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڊسمبر تائين واڌ ڪندي هاڻي تائين ٿيل جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔