پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت وارو معاملو رولڙي جو شڪار

ڪراچي:آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ گرفتار پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو، سپريم ڪورٽ خورشيد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فرخ شاهه جي به گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ گرفتار پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش نه ٿيو. عدالت خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي گرمين جي موڪل ختم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه جي به گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ جيل ۾ آهي ۽ فرخ شاهه گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔