ايس ايس پي جي رپورٽ غلط هئي ته سعيد غني هرجاڻي جو نوٽيس ڇو موڪليو: علي زيدي

اسلام آباد : وفاقي وزير علي زيدي سنڌ پوليس جي ايس ايس پي رضوان احمد جي تعليم جي وزير سعيد غني جي ڀاءَ بابت رپورٽ ٻيهر ٽوئيٽ ڪري ڇڏي. علي زيدي چيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي رضوان احمد جي سعيد غني جي ڀاءَ جي منشيات ۾ ملوث هجڻ بابت رپورٽ غلط هئي،ته هن هرجاڻي جو ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ؟. وفاقي وزير چيو ته سعيد غني سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تي دٻاءَ وڌو ته ايس ايس پي خلاف ڪميٽي قائم ڪري. علي زيدي چيو ته وڏي وزير ايس ايس پي خلاف سخت قدم کنيا،افسوس ته وڏي وزير ،سعيد غني جي ڳالهه مڃي ورتي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔