سياست ۾ استعيفائون ڏيڻ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهندي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد : سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سياست ۾ استعيفائون ڏيڻ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهندي آهي، اسان لاءِ پاڪستان جو مفاد پهرين اوليت آهي. گورنر هائوس لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته اپوزيشن پنهنجن مفادن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي،انهن کي احتساب جي کڙڪ پئي ٿي ته اي پي سي شروع ٿي وڃي ٿي. شبلي فراز چيو ته وزير اعظم صلاحڪارن کي به اثاثا ظاهر ڪرڻ جو پابند بڻايو آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ استعيفائون اينديون رهنديون آهن.ڊجيٽل پاڪستان جي معاون جي استعيفا جي باوجود منصوبو جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔