پي ٽي آءِ سرڪار ايف اي ٽي ايف جي بلز جي منظوريءَ ۾ دوکو ڪيو آهي: ن ليگ/ پيپلز پارٽي

اسلام آباد : پي ٽي آءِ سرڪار ايف اي ٽي ايف جي بلز جي منظوريءَ ۾ دوکو ڪيو آهي، جهيڙي جو سبب نيب قانون نه پر اهو دوکو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ايف اي ٽي ايف جا بلز اپوزيشن جي منظور ڪيل تجويزن کانسواءِ منظور ڪرايا ويا، اسان حيران ۽ پريشان ٿي وياسين ته حڪومتي ڪميٽي آڏو منظور ٿيل ترميمون ڪيڏانهن ويون؟ سينيٽ ۾ ترميمن سان ٻئي بلز منظور ڪرايا آهن، هاڻي ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن اڳواڻن چيو ته اسپيڪر جي رهائشگاهه تي ٿيل غير رسمي ملاقات کي ظاهر نه ڪرڻو هو، حڪومتي وزيرن ايوان ۽ پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي، اسان واضح ڪيو هو ته نيب ۽ ايف اي ٽي ايف جي قانون ۾ ترميمي بلز وارا معاملا الڳ الڳ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔