عدالت پاران راول ڍنڍ جي ڪناري تي نيوي ڪلب تعمير ٿيڻ بابت جواب جمع نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد : هٿياربند فوج جي وردي اسان لاءِ عزت ۽ احترام لائق آهي، پر وردي جي لڄ رکڻ هٿياربند فوجين جو ئي ڪم آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان راول ڍنڍ جي ڪناري تي نيوي جو ڪلب تعمير ٿيڻ بابت جواب جمع نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي جواب ڏيڻ لاءِ چيو هو ته ٻڌايو وڃي ته نيوي ڪلب ڪهڙي قانون تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو، هڪ عمارت ٺهي وئي، هاڻي سي ڊي اي ڇا ڪندي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته حڪومت اِن مامري تي اٽارني جنرل کان راءِ طلب ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن غريب جي جهوپڙي ڊاهڻ لاءِ اٽارني جنرل کان راءِ ورتي ويندي آهي؟ عدالت راول ڍنڍ جي ڪناري تي ڪلب جي اڏاوت تي پاڪ نيوي جي سربراهه کان 7 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔