ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 32 مريض جانيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 32 مريض جانيون وڃائي ويٺا، انگ 5 هزار 924 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق 24ڪلاڪن دوران هڪ هزار 114 نوان ڪيس سامهون اچي ويا. اين سي او سي مطابق 2لک 46 هزار 131 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 25هزار 347 رهجي ويو. سنڌ ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 189،پنجاب ۾ 2 هزار 138،ڪي پي ۾ هڪ هزار 192 ۽ اسلام آباد ۾ 165 ٿي ويو. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق بلوچستان ۾ 136،گلگت ۾ 53 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 51 شهري فوت ٿي چڪا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔