”ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ پروگرام ٿيندا“ :شبلي فراز

لاهور:سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پروگرام ٿيندا ۽ ڀارت کي بي نقاب ڪيو ويندو.

سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز گورنر هائوس لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ ڪشمير حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادري جي خاموشي اسان جي دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

شبلي فراز شڪ ۽ شبهن جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي خاص ملڪن جي مذمت ڪري ٿي ۽ پنهنجي مرضي جي ملڪن جي خلاف ڪارروائي ڪري ٿي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار ڪو به علائقو يا مذهب هجي ان تي آواز اٿارڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان جي حڪومت ۽ وزير اعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ موثر ۽ مدلل طريقي سان ڪشمير جي مسئلي کي کنيو ۽ پنهنجي تقرير ۾ ڪشمير ۾ ڀارت جي گندي چهري کي بي نقاب ڪيو، ان سان عالمي ميڊيا ۾ خبرون اچڻ شروعٿيون ۽ ڪسمير مسئلي جي سنجيدگي جو احساس ٿيو.

سندس چوڻ هو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جو عوام هر لمحي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ انهن تي جيڪو ظلم ۽ ستم ٿي رهيو آهي، جهڙي ريت عورتن جو ريپ ڪيو ويندو آهي، ٻارن ۽ جوانن کي گولين جو نشانو بڻايو ويندو آهي، انٽرنيٽ جي سهولت ڪاٽي ويندي آهي ۽ خاص ڪري ڪورونا جي ڪري اُتي اندرين صورتحال تي ڳڻتي آهي.

وفاقي وزير چيو ته اسان ايندڙ ڏينهن ۾ 5 آگسٽ تي منظم سرگرمين جو تفصيلي پروگرام بڻايو آهي جنهن ۾ نه رڳو عالمي برادري پر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پروگرام رٿيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔