سنڌ حڪومت پاران به عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان عيد الاضحيٰ جي لاءِ 3 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

خدمتن واري کاتي عام انتظاميا ۽ رابطن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جون موڪلون 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين هونديون.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت به 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين عيدالاضحيٰ جي ٽي ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪيو هو.

21 جولاءِ تي مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ذوالحج جو چنڊ نظر نه اچڻ ۽ عيد الاضحيٰ پهرين آگسٽ ڇنڇر ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔