وزيراعظم جي خاص مددگارن ظفر مرزا ۽ تانيا ايدروس جون استعيفائون منظور

اسلام آباد : وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ تانيا ايدروس مختلف معاملن تي حڪومت تي تنقيد سبب پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جيڪا منظور ڪندي ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.

خاص مددگارن جي استعيفيٰ حڪومت طرفان وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جي اثاثن ۽ ٻٽي شهريت جا تفصيل جاري ڪرڻ کانپوءِ اپوزيشن جي تنقيد کي ڏسندي سامهون آئي.

تانيا ايدروس ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته منهنجي شهريت جي معاملي تي رياست تي ٿيندڙ تنقيد ڊجيٽل پاڪستان جي مقصد کي متاثر ڪري رهي آهي، مان عوام جي مفاد ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار جي عهدي تان پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پنهنجي بهترين صلاحيت سان ملڪ ۽ وزيراعظم جي نظريي جي خدمت جاري رکنديس.

هن ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم کي موڪليل استعيفيٰ به شيئر ڪئي، جنهن ۾ تانيا ايدروس وزيراعظم کي چيو آهي ته خاص مددگار طور ڪم ڪرڻ مون لاءِ اعزاز هو ۽ مون تي اعتماد بحال رکڻ تي توهان جي ٿورائتي آهيان.

سندس موجب مان ڊجيٽل پاڪستان جي نظريي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي ترقي جي واحد مقصد سان پاڪستان آئي هيس، مان هميشه پاڪستان هيس ۽ رهنديس.

تانيا ايدروس وڌيڪ لکيو ته منهنجي ڪينيڊين شهريت منهنجي پيدائش جو نتيجو آهي ۽ اها منهنجي چونڊ ناهي، بدقسمتي آهي ته پاڪستاني شهري جي ملڪ جي خدمت جي خواهش اهڙن مسئلن جي پويان لڪي ويندي آهي.

تانيا ايدروس جي استعيفيٰ کان ڪجهه دير پوءِ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ظفر مرزا به ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مان وزيراعظم جي خاص مددگار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، عمران خان جي خاص هدايت تي صحت جو عالمي ادارو (ڊبليو ايڇ او) ڇڏي پاڪستان آيو هيس، مان محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مطمئن آهيان ته اهڙي وقت ۾ عهدو ڇڏي رهيو آهيان، جڏهن قومي ڪوششن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته خاص مددگارن جي ڪردار بابت ناڪاري ڳالهين ۽ حڪومت تي تنقيد سبب استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي عوام کي صحت جي بهتر سهولتن جي ضرورت آهي ۽ مان ان حوالي سان سنجيدگيءَ سان ڪردار ادا ڪيو.

ظفر مرزا چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط صحت جي نظام سان ڪووڊ 19 کان ٻاهر نڪري ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔