شاهه محمود قريشي جي تقرير دوران قومي اسيمبلي ۾ گوڙ

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مائيڪ ڏيڻ تي اپوزيشن طرفان سخت گوڙ ڪيو ويو، جنهن سبب اجلاس ۾ وقفو ڪرڻو پئجي ويو.

قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي تقرير کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مائيڪ ڏيڻ تي ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو نالو ورتو ويو آهي، مان ڳالهائيندس، جنهن تي اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ نو نو جا نعرا هڻڻ لڳا.

پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته پوءِ اسان ڪنهن کي به ڳالهائڻ نه ڏينداسين، هڪ منٽ مراد سعيد کي ڏيو، اپوزيشن هلي ويندي ۽ خاموشي ٿي ويندي.

هن اپوزيشن کي چيو ته بند ڪيو اهو تماشو، اهو ڪو طريقو ناهي هائوس هلائڻ جو، اسپيڪر صاحب هائوس ان آرڊر ڪيو.

ان موقعي تي اپوزيشن ميمبر سيٽن تي بيهي مسلسل گوڙ ڪندا رهيا، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ۾ ظهر جي نماز لاءِ 10 منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔