پيپلز پارٽي آصف زرداري جي ڪرپشن ۽ نواز ليگ شريف خاندان جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ پارليامينٽ کي استعمال ڪيو:مراد سعيد

اسلام آباد : وفاقي وزير مراد سعيد قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي آصف زرداري جي ڪرپشن ۽ نواز ليگ شريف خاندان جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ پارليامينٽ کي استعمال ڪيو. اپوزيشن وارا اسان جا منصوبا ڳڻيندا آهن ۽ اسان سندن ڪرپشن ڳڻيندا آهيون. مراد سعيد چيو ته فرزندِ زرداري کنڊ چور جو نعرو هنيو هو، کنڊ ڪميشن جي رپورٽ ۾ وزيراعظم نه پر آصف زرداري ۽ شريف خاندان جا نالا آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ کنڊ چورن کي اين آر او نه ڏيندي. مراد سعيد چيو ته ڪراچي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، شرم جهڙي ڳالهه آهي جو پ پ چيئرمين جو اُن تي هڪ به بيان ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔