وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

ڪراچي : وڏي وزير ڪراچي ۾ برسات دوران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته رڳو نالن جي صفائي جو مسئلو ناهي مڪاني ادارن وٽ باقاعده رٿا بندي هجڻ گهرجي، پاڻي جي نيڪال وارن رستن تي عمارتون ٺاهيون ويون آهن، نالن تي به قبضا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برسات جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مڪاني کاتي واري وزير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ برسات دوران هو رستن تي هيا ۽ ڪيترن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو. ناصر شاهه چيو ته ڪجهه علائقن ۾ نالا بنبد هجڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون ۽ پاڻي بيهجي ويو. وڏي وزير چيو ته رڳو نالن جي صفائي جو مسئلو ناهي مڪاني ادارن وٽ باقاعده رٿا بندي هجڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته پاڻي جي نيڪال وارن رستن تي عمارتون ٺاهيون ويون آهن، نالن تي به قبضا آهن، جنهن سبب پاڻي نيڪال نه ٿي رهيو آهي. وڏي وزير ڪراچي ۾ برسات دوران گهرن ۾ پاڻي بيهڻ واري معاملي بابت رپورٽ طلب به طلب ڪئي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔