لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن ۾ دڪان کولڻ جي ڪوشش ناڪام، ڪيترائي واپاري گرفتار

لاهور: پنجاب ۾ واپارين اسمارٽ لاڪ ڊائون کي رد ڪري ڇڏيو. لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ دڪانون کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو. مزاحمت ڪرڻ تي ڪيترن ئي واپارين کي به گرفتار ڪيو ويو.

عيد تي ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اڄ پهريون ڏينهن آهي پر ڪاوربار بند رکڻ جي حڪمن تي واپاري برادري حڪومت کان پاسيري ٿي وئي آهي. لاهور، راولپنڊي، جهنگ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ واپارين دڪانون کولڻ جي ڪوشش ڪئي.

لاهور جي اعظم مارڪيٽ ۾ انتظاميه ۽ پوليس ۾ تڪرار به ٿي. فيصل آباد ۾ انجمن تاجران طرفان ريل بازار کان گهنٽه گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.  واپارين جو چوڻ هو ته ڪاروبار ۾ اڳ ئي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. واپارين طرفان دڪانون کولڻ تي پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ فوري طور تي بازارن ۾ پهچي وئي. 

پوليس طرفان جوابي ڪارروائي ڪري دڪانون بند ڪرايون ويون. منهن ماري ۽ مزاحمت ڪرڻ تي  واپارين کي به گرفتار ڪيو ويو.  پنجاب ۾ اڄ کان 5 آگسٽ تائين وفاقي حڪومت طرفان لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. سموريون بازارون، شاپنگ مالز، شادي هالز، ڪاروباري ادارا، هوٽلون مڪمل طور تي بند رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ميڊيڪل  اسٽور، ڀاڄي جا دڪان، ڪريانه، بيڪري، کير، ڏهي جون دڪانون کولڻ جي اجازت آهي. هوٽلن تي صرف پارسل جي اجازت کان علاوه هوم ڊليوري 24 ڪلاڪ جاري  رکي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔