نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ميمبر پاڻ کي نيب قانون ۾ ترميم کان ڌار ڪن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري مشورو ڏنو آهي ته نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ پارلياماني ڪميٽين جا ميمبر پاڻ کي نيب قانون ۾ ترميم کان الڳ ڪن. ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ميمبر جيڪڏهن نيب قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ويهي رهن ته اهڙين ترميمن جو ڪهڙو ڀرم هوندو؟ وفاقي وزير چيو ته منهنجي خيال ۾ اهي پارليامينٽ جا ميمبر جيڪي نيب ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي ڪميٽي کان الڳ ٿي وڃن ۽ اهي پارليامينٽ جي عزت جو خيال رکن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔