برسات قدرتي آفت هوندي آهي، عمران خان قوم تي مڙهيل مصيبت آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي شهباز گِل کي جواب ڏيندي چيو آهي ته برسات قدرتي آفت هوندي آهي، پر عمران خان قوم تي مڙهيل مصيبت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪراچي ۾ برسات جي نقصان جو ازالو ڪلاڪن ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان جي ڦهلايل تباهي جو ازالو سالن تائين ناممڪن آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪرونا ٽيسٽنگ کي غير فعال ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون غلط هو ته پنجاب ۾ لاڪ ڊائون ڇو لاڳو ڪيو ويوآهي؟ پ پ اڳواڻ چيو ته ست ورهيه لنگهي ويا،پر خيبر پختون خوا ۾ هڪ به نئين اسپتال قائم نه ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔