ڪراچي ٻڏي وئي، مراد علي شاهه ڪٿي آهي؟: شهباز گل

اسلام آباد: خاص معاون شهباز گِل چيو آهي ته ڪرونا تي سياست ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳيان وڏو وزير مراد علي شاهه ڪٿي آهي؟،ڪراچي ٻڏي وئي،وڏي وزير جو هڪ به بيان سامهون نه آيو. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون شهباز گِل چيو ته عمران خان ۽ وفاقي حڪومت تي ڪوڙي تنقيد ڪرڻي هجي ته سڀني کان اڳيان وڏو وزير هوندو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان تائين ڪرونا بابت ميڊيا ڊارلنگ مراد علي شاهه ۽ ان جي ٽيم جعلي هيڊ لائين لڳرائي رهي هئي. شهباز گِل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته ڪرونا بابت عوام سان ڪوڙ ڳالهايو ويو،انڪري وڏو وزير عوام کان منهن لڪائي رهيو آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه ڄاڻي واڻي معيشت کي تباهه ڪرڻ چاهين پيا،الله تعاليٰ عمران خان کي همت ڏني ۽ اهو عوام جي حقن لاءِ بيهي رهيو،هاڻ سموري دنيا ان جي واکاڻ ڪري پئي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔