وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري، اجلاس ۾ پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.
ذريعن مطابق ڪابينا جي 13 نقاطي ايجنڊا ۾ ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي سميت ٻين معاملن جي منظوري شامل آهي. اجلاس ۾ اِي سي سي جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي. اجلاس ۾ يورو فائيو ڊيزل ۽ پيٽرول جي امپورٽ بابت ويچاريو ويندو،ان سان گڏ مختلف ادارن ۾ ڪيل سڌارن بابت رپورٽ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. ڪابينا جي اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين ۽ميمبرن جي مقررين لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جو مسودو به پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي تحفظ لاءِ بل جي به منظوري ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔