ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 23 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 23 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو،جڏهن ته 936 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق فوتين جو تعداد 5 هزار 865 ٿي ويو. رپورٽس مطابق ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد 2 لک 74 هزار 289 ٿي ويو ۽ صحتياب مريضن جو انگ وڌي 2 لک 42 هزار 436 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو شڪار مريضن جي تعداد ۾ لاڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي،ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 26 هزار 924 آهي. سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو تعداد هڪ لک 18 هزار 311، پنجاب ۾ 92 هزار 73، ڪي پي ۾ 33 هزار 397 ۽ بلوچستان ۾ 11 هزار 601 ٿي ويو. اسلام آباد ۾ 14هزار 884، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 34 ۽ بلتستان ۾ هڪ هزار 989 مريض ڪرونا جو شڪار ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ 2 هزار 116، سنڌ ۾ 2 هزار 251،ڪي پي ۾ هڪ هزار 178،اسلام آباد ۾ 164،بلوچستان ۾ 136،آزاد ڪشمير ۾ 49 ۽ گلگت ۾ 48 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔