تهران : هڪ پاسي ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن ته ٻئي پاسي ايران ۽ آمريڪا جي هڪٻئي تي پڻ حملا جاري آهن. ايراني پاسدارانِ انقلاب آمريڪي اڏن ۽ هٿيارن تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته قشم ٻيٽ ۾ ڪميونيڪيشن ٽاور تي آمريڪا حملو ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ آمريڪي اڏن کي ڪويت ۽ بحرين تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن. ايران موجب آمريڪا اهي حملا ڪويت ۽ بحرين وارن اڏن تان ڪيا آهن، جن جي ذميواري ٻنهي ملڪن جي قيادت آهي. ڪويت جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته هوائي اڏي تي وڏو نقصان ٿيو آهي، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، فلائيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي. بحرين چيو آهي ته ايراني حملا ناڪام بڻاياي ويا آهن. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته هڪ ايراني آئل ٽينڪر کي ايراني پورٽ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو پر هن چتاءُ رد ڪيو ته مٿس حملو ڪري انجڻ روم تباهه ڪيو آهي. ايراني ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب آمريڪي ففتھ فليٽ (پنجين بحري ٻيڙي) جي هيڊ ڪوارٽر، ائير بيس ۽ هيليڪاپٽرن کي به نشانو بڻايو آهي. پاسدارانِ انقلاب مطابق هيءَ ڪارروائي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته هرمز جي ويجهو ايراني آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ، پاسدارانِ انقلاب هڪ ٻيڙي کي ميزائلن سان نشانو بڻايو. ايراني ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته هرمز جي لڪي جي سيڪيورٽي کي متاثر ڪرڻ جي قيمت آمريڪا کي چڪائڻي پوندي.
تبصرے بند ہیں۔