تهران: ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي دوران عرب خطي ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي، جتي ڪوويت انٽرنيشنل ايئرپورت تي ڊرون حملن کان پوءِ اڏامون معطل ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ڪويت جي فوج موجب ايئرپورٽ جي هڪ ٽرمينل کي نشانو بنائيندڙ ڊرون ۽ ميزائلن حملن سبب ڳرو مالي نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين فوري طور تي ريسڪيو ۽ سيڪيورٽي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اهي حملا جوابي ڪارروائي جو حصو هئا ۽ آمريڪا جي لاءِ هڪ سبق هجڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪارروايون عرب خطي ۾ آمريڪي سرگرمين جي جواب ۾ ڪيون ويون.
ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته انهي دفاعي ڪارروائي ڪندي ايران جي قشم ٻيٽ تي سيلف ڊفينس حملا ڪيا ۽ ڪيترن ئي ميزائلن ۽ ڊرونز کي تباهه ڪيو. آمريڪي اختيارين موجب انهي دوران ڪويت ۽ بحرين ۾ موجود شهري بحري جهاز ۽ اتحادي ملڪ به خطري هيٺ آيا.
رپورٽ موجب ايران، آمريڪا ۽ علاقائي اتحادين جي وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڪارروايون پوري عرب خطي ۾ ڇڪتاڻ کي نئين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن رپورٽن کي رد ڪيو آهي ته ايران سان ڳالهيون رڪجي ويون آهن هن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا مسلسل جاري آهن اهي ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلي رهيون آهن. خطي ۾ وڌندڙ انهي ڇڪتاڻ عالمي سطح تي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ماهرن موجب جيڪڏهن صورتحال ڪنٽرول ۾ نه آئي ته اها هڪ وڏي علاقائي بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔