ايندڙ مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊوالپمينٽ اڪنامڪس ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 45 هزار روپيه مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

انهي حوالي سان پائيڊ شاهدين تي ٻڌل فريم ورڪ تجويز ڪري ڇڏيو جنهن جي تحت مالي سال 2026-27 جي لاءِ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار روپيه مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

پائيڊ موجوده گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40.000 هزار روپين جي مقابلي ايندڙ مالي سال لاءِ 12.5 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو آهي. پائيڊ جي رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي پاليسي هاڻ صرف ليبر ڊپارٽمينٽ تائين محدود جو معاملو ناهي رهي. پر اها گهريلو خريداري قوت، غربت جي خدشن، غير رسمي روزگار، مقامي طلب، پيداواري ترغيبات ۽ گڏيل سماجي استحڪام تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيندي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2026 جي جولاءِ کان اپريل تائين جي عرصي ۾ افراط زر 6.19 سيڪڙو رهي ۽ اپريل 2026 ۾ سال به سال افراط زر 10.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔