ڪورونا وبا خلاف جنگ ۾ اين سي او سي اهم ڪردار ادا ڪيو : وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين سي او سي ڪورونا وبا خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊر آپريشن سينٽر ۾ ڪورونا صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، خاص معاونن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي جي اختيارين ڪورونا جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي اين سي او سي جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان کي ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي نتيجن تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جا بهترين نتيجا ملي رهيا آهن. اين سي او سي روزانو جا انگ اکر ترتيب ڏئي اعتبار جوڳي ڊيٽا بيس فراهم ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔