چين : عالمي فلمي ميلو شنگهائي فلم فيسٽيول 18 جولاءِ تي منعقد ڪيو ويندو.

شنگهائي: چين ۾ عالمي فلمي ميلو شنگهائي فلم فيسٽيول 18 جولاءِ تي منعقد ڪيو ويندو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب شنگهائي فلم فيسٽيول جي انتظاميا ميلي کي ڊيجيٽل پليٽ فارم بدران معمول موجب منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. انتظاميا جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته ميلو 18 کان 27 جولاءِ تائين جاري رهندو جنهن جي ان پرسن تقريب لاءِ چيني انتظاميا سان ڳالهيون جاري آهن. ميلو هر سال جون ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب هن جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔