2سالن کان قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي:پيپلز پارٽي اڳواڻ

ڪراچي : ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران قادر پٽيل چيو ته ٻن سالن کان قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڌر بڻجي ويو آهي، سندس خلاف بي اعتماد وارِي رِٿ آڻڻ لاءِ نون ليگ سان مشاورت ڪري رهيا آهيون اسپيڪر جو ڪردار تمام گهڻو جانبداراڻو ٿي چڪو آهي پ پ ايم اين اي قادر پٽيل پورٽ اينڊ شپنگ وارِي وزارت بابت وائيٽ پيپر پڌرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بچت جون ڳالهيون ڪندڙ علي زيدي 24 لک رپين جِي آفيس ٺهرائي آهي، مسواڙ وارَي گهر تي 20 لک رپيا خرچ ڪيا، ليز تي پابندي باوجود پلاٽ ليز ڪيو ويو، ڪي پي ٽي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائڻ جِي سازش ٿي رهي آهي، نيوي جَي حاضر سروس آفيسر کي اَي ڊي سي رکيو ويو. هينئر ڪي پي ٽي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، قادر پٽيل چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجِي اَي ٽي ايمز جو قرض لاهي رهي آهي، صوبائي وزير سعيد غني وفاقي وزير علي زيدي کي مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو، سعيد غني چيو آهي ته عذير بلوچ بابت جَي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڪنهن به پ پ اڳواڻ جو ذڪر ناهي، علي زيدي هٿ ٺوڪيا ڪاغذ هوا ۾ لوڏَي ڪوڙ ڳالهايو، سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي حڪومتي تحويل ۾ ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔