ڪراچي:ڪراچي جي شهرين لاءِ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي جي صنعت ۽ رهواسين کي سيپرا جي تحت سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي. سستي بجلي جي قيمت ڪي اليڪٽرڪ کان به گهٽ هوندي. سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته بجلي اسان پاڻ ٺاهينداسين ۽ ايس ٽي ڊي سي جي تحت پاڻ ورهائينداسين بجلي جي قيمت به هاڻ اسان پاڻ طئي ڪنداسين
هن واضح ڪيو ته ايس ٽي ڊي سي جي ورهايل بجلي جو نيپرا جي قيمتن سان تعلق نه هوندو، ايس ٽي ڊي سي کان ورهاست ڪيل بجلي جي قيمت نيپرا کان به تمام گهڻي گهٽ هوندي. سيپرا ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، هلندڙ مهيني آگسٽ ۾ ئي نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.
ناصر حسين شاهه چيو ته اسان جو بنيادي ڌيان جو مرڪز اڪنامڪ زونز آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته سيپرا جي تحت بجلي جي پهرين ورهاست ڪي في جي گرڊ کي فراهم ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي کان سيپرا کي آئيني طور تي منظور ڪرايو آهي هاڻ ڪراچي جا شهري به سستي بجلي حاصل ڪري سگهندا پر ورهاست جو نظام ايس ٽي ڊي سي وٽ هجڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ جي نمائندگي نه پئي ٿي، وفاق جا 3 ڊائريڪٽر آهن، وفاق کي چيو آهي ته 1 نمائندو وفاق جو هجي ۽ ٻيا 2 سنڌ مان هجن. توانائي واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪي اليڪٽرڪ کي سولر پارڪس جي ذريعي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو ڪامياب معاهدو ٿيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي چيو آهي ته سولر مان جڏهن بجلي تيار ٿي رهي آهي ته مهانگي تيل سان ٺهندڙ بجلي خريد نه ڪريو.