پي ٽي آءِ حڪومت سان نه اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد:  وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳاهيون ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، اهي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته ڳالهين ۾ انهي کي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته انهي جي آزادي عدالتن مان ٿئي، پي ٽي آءِ سياسي ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي ته پوءِ انهي سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون؟

هن چيو ته علي امين گنڊاپور جي ڳالهين مان اندازو ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهي ٿي انهي کان علاوه انهي جي ٻئي ڪابه ايجنڊا نه آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پرامن رهي ته صحيح آهي ٻئي صورت ۾ قانون هٿ کنيو ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا شروع کان انهن جي ڪوشش رهي  آهي. هي ماڻهو آءِ ايم ايف جي آفيس جي ٻاهران جلوس ڪڍندا هئا، خط لکيا ته پاڪستان کي قسط نه ڏني وڃي هي چاهين ٿا ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار ٿئي جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته يقينن قانون پنهنجو رستو ڪڍندو

ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان جا ڪيسز عدالت ۾ آهن  هنن انهي جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته عمران خان کي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون نه ڪنداسين، عمران خان چيو آهي ته مان آزاد عدالتن مان ٿيندس ۽ مان ميرٽ تي آزاد ٿيڻ چاهيان ٿو انهي ڪري حڪومت سان ڳالهين ۾ آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن.

راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته هنن جا ٻيا جيڪي به مطالبا آهن انهن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، اهي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا انهن سان ئي پنهنجا معاملا سڌا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن، اهي نه سياسي پارٽين ۽ نه ئي وري سياستدانن سان ويهڻ لاءِ تيار آهن. هو انهي ايجنڊا تي قائم آهن ته اهڙي طرح اسان جي مدد ڪئي وڃي جيئن 2018 ۾ آر ٽي ايس ويهاري ڪرايو ويو، هي سياسي ڳالهين جي خواهش نٿا رکن.

هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ملڪ جي معيشت بحال ٿئي ۽ پاڪستان هڪ ترقي يافته ملڪ جي طور تي اڀري انهي تي ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ عديل اقبال چيو ته 5 آگسٽ تائين تحريڪ جي لاءِ تياري ڪرڻي آهي، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ ڳالهين تي اسان هر وقت تيار آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔