پشاور: پشاور جي علائقي خٽڪو پل ۾ جوابدارن هڪ گهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
پوليس موجب، متاثرين ۾ ٽي عورتون شامل آهن ۽ زخمي عورت کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس چيو ته ڌريون پاڙيسري آهن ۽ متاثرين تي مخالف ڌر جي هڪ عورت کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.
پوليس چيو ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.