اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) طرفان پاڪستان جي لاءِ 33 ڪروڙ ڊالر جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اها امداد سماجي تحفظ جي مختلف پروگرامن ۾ استعمال ڪئي ويندي. اي ڊي بي جي سالياني رپورٽ موجب امدادي رقم مان 93 لک ماڻهن کي فائدو پهچندو. خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن جي تعليم لاءِ مشروط روڪ رقم ڏني ويندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته انهي امداد جو مقصد بهتر غذائيت تائين پهچ کي يقيني بنائڻ آهي. اهڙي قدم سان خاص طور تي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ عورتن، نوجوانن، ڇوڪرين ۽ ٻارن کي فائدو پهچندو.
هوڏانهن صحت جي سهوليتن جي فراهمي به امدادي پروگرام جو حصو هوندي اهي سهولتون اهڙن طبقن جي لاءِ هونديون جن کي خاص طور تي انداز ڪيو ويندو آهي. رپورٽ موجب وچ اوڀر ۽ ايشيائي ملڪن کي ترقياتي تفريق ۽ سماجي بهبود کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي.
اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان، ڪرغزستان ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ غربت جي شرح هن وقت به بلند آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جو چوڻ آهي ته اهڙن ملڪن جي عوام جي ضروري سهولتن تائين پهچ محدود آهي. اهوئي سبب آهي ته بينڪ اهڙن قدمن جي حمايت ڪري ٿي جيڪي سماجي فلاح کي هٿي ڏين.