اسلام آباد: ڀارت آبي دهشتگردي شروع ڪندي چناب ۽ جهلم درياءَ جي پاڻي کي روڪي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ڀارت طرفان جهلم درياءَ جو 5 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب جو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي کي روڪيو ويو آهي. جهلم درياءَ ۾ گذريل ڏينهن پاڻي جو وهڪرو 49 هزار ڪيوسڪ هو، جهلم درياءَ ۾ اڄ پاڻي جو وهڪرو 44 هزار ڪيوسڪ آهي.
اهڙي طرح چناب درياءَ ۾ گذريل ڏينهن پاڻي جو وهڪرو 28 هزار ڪيوسڪ هو. جڏهن ته چناب ۾ اڄ پاڻي جو وهڪرو 22 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڀارت چناب درياءَ تي بگليهار ون ۽ ٽو تي 2 پن بجلي منصوبا تعمير ڪري رکيا آهن، جهلم درياءَ تي غيرقانوني ڪشن گنگا ۽ وولر بيراج ٺاهي رکيا آهن. ياد رهي ته ٻنهي دريائن تي ڀارت انهي کان اڳ به آبي دهشتگردي ڪندو رهيو آهي.